Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:24 - Sindhi Bible

24 ۽ پڙ ڪڻڪ سان ڀرجي ويندا، ۽ دنگ شراب ۽ تيل سان ڀرجي اُٿلي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ايتري قدر جو اوهان جا ڳاهڻ وارا پِڙ اناج سان ڀرجي ويندا، ۽ حوض مئي ۽ زيتون جي تيل سان ٽمٽار ٿي اُٿلي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:24
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.


۽ اوهين گڏ ڪري رکيل پراڻو اَن کائيندا، ۽ نئين مال جي اچڻ ڪري پراڻو ڪڍي ٻاهر ڪندا.


۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ