Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:22 - Sindhi Bible

22 اي جهنگ جا جانور نہ ڊڄو؛ ڇالاءِ جو بيابان جا چراگاهہ ساوا ٿيا آهن، ۽ وڻن پنهنجو ڦر جهليو آهي؛ انجير جو وڻ ۽ ڊاک پنهنجي طاقت پيدا ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اي جھنگ جا جانورؤ! ڪو خوف نہ ڪريو، اوهان جا چراگاهہ وري سرسبز ٿي ويندا. انجير جا وڻ ۽ انگورن جون وليون ميوي سان ڍڪجي وينديون، بلڪ سڀيئي ميويدار وڻ جھجھو ڦر جھليندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:22
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تون زمين تي پوک ڪندين، تڏهن انهيءَ مان توکي پيدائش ڪانہ ملندي، ۽ تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.


تنهنجي راستبازي خدا جي جبلن جهڙي آهي؛ ۽ تنهنجا فيصلا تمام اونها آهن: اي خداوند، تون ماڻهن ۽ جانورن جو سنڀاليندڙ آهين.


اُهو بيابان جي چراگاهن ۾ پيو ڪري: ۽ سڀ ڪنهن پاسي ٽڪريون خوشيون ٿيون ڪن.


چراگاهہ ڌڻن سان ڇانئجي ويا آهن؛ ۽ واديون اَن سان ڍڪجي ويون آهن؛ اهي خوشيءَ جو آواز ڪڍي ڳائين ٿيون.


زمين پنهنجي پيداوار وڌائي آهي: خدا، اسان جو ئي خدا، اسان کي برڪت ڏيندو.


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


۽ آءٌ وڻن جو ڦر وڌائيندس ۽ ٻنيءَ جي پيدائش بہ وڌيڪ ڪندس، جنهنڪري قومن ۾ وري اڳتي اوهان کي ڏڪر جو مهڻو نہ ملندو.


۽ هو چوندا تہ هيءَ زمين جا ويران هئي سا عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي؛ ۽ ويران ۽ سُڃا ۽ ناس ٿيل شهر ڪوٽن وارا ۽ آباد ٿي ويا آهن.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


تڏهن آءٌ نينوہ جي وڏي شهر تي رحم نہ ڪريان، جنهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي سڄي ۽ کٻي هٿ جي وچ ۾ فرق جي خبر ڪانهي، ۽ گهڻو چوپايو مال بہ آهي؟


انهيءَ زماني جو، جڏهن ڪو ماڻهو ويهن ماڻهن جي ڍڳ تي ٿي آيو، تہ فقط ڏهہ ئي هئا؛ جڏهن ڪو شراب جي چيچڙي مان پنهنجا دنگ ڪڍڻ لاءِ اچي، تڏهن رڳو ويهہ ئي هجن.


پر اڳتي پوک سلامتيءَ سان ٿيندي؛ ڊاک پنهنجو ڦر ڏيندي، ۽ زمين ۾ فصل ٿيندو، ۽ آسمان مان ماڪ پوندي: ۽ آءٌ قوم جي باقي بچيلن کي انهن سڀني شين جو ورثو ڏيندس.


تنهنڪري پوکيندڙ يا پاڻي ڏيندڙ ٻئي ڪي ڪين آهن، پر خدا ئي آهي جو وڌائي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ