Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:21 - Sindhi Bible

21 اي ملڪ نہ ڊڄ، سرهو ٿيءُ ۽ خوشي ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 سو اي بني اسرائيل جي زمين! ڊڄ نہ، بلڪ سرهي ٿيءُ ۽ خوشيون ملهاءِ، ڇاڪاڻ تہ هاڻ آءٌ خداوند تو تي وڏيون وڏيون مهربانيون ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:21
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.


بيابان ۽ ويران پٽ سرهو ٿيندو؛ ۽ رڻ پٽ خوشي ڪندو، ۽ گلاب وانگي گل ڪندو.


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، ۽ هيءُ وڏو ڪم ڏسو جو خداوند اوهان جي اکين اڳيان ڪندو.


اهڙيءَ طرح مون هنن ڏينهن ۾ يروشلم ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان ڀلائي ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي: تنهنڪري ڊپ نہ ڪريو.


پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي.


رڳو خداوند کان ڊڄو ۽ پنهنجي سڄي دل سان سچيءَ طرح سندس عبادت ڪريو: ڇالاءِ تہ ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪهڙا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن.


ڇالاءِ تہ جڏهن کان خدا زمين تي انسان کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو تو کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت تون زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پڇا ڪر، تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟


ڀلي تہ سيلاب تاڙيون وڄائين؛ ۽ جبل خوشيءَ وچان خداوند جي حضور ۾ گڏجي گيت ڳائين:


هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ آسمانن جي سڏ جو جواب ڏيندس، ۽ آسمان زمين جي سڏ جو جواب ڏيندا؛


اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.


ڇالاءِ جو اوهين خوشيءَ سان ٻاهر نڪرندا، ۽ سلامتيءَ سان اوهان کي وٺي ويندا: جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان ڳائڻ لڳنديون، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ تاڙيون وڄائيندا.


اي خدا تنهنجي سچائي ڏاڍي بلند آهي؛ تو وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، اي خدا، تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟


۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ