Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:2 - Sindhi Bible

2 اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:2
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿو تہ مونکي لوڏو ئي ڪين ايندو: سڀني پيڙهين تائين مون تي ڪڏهن مصيبت ڪانہ پوندي.


هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.


۽ مڪڙ ساري مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويا، ۽ مڪڙ مصر جي سڀني پاسن ۾ ويهي ويا، ۽ اهي ايترا بيشمار هئا جو انهن جهڙا مڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آيا، نڪي پوءِ ايندا.


۽ تنهنجا گهر، ۽ تنهنجن سڀني نوڪرن جا گهر، ۽ سڀني مصرين جا گهر، انهن سان ڀرجي ويندا؛ اهڙا جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ انهن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڏٺا هوندا. پوءِ هو ڦري فرعون وٽان هليو ويو.


تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.


۽ اُهي انهي ڏينهن انهن تي سمنڊ جي گوڙ وانگي گوڙ ڪندا: جي ڪڏهن ڪو زمين ڏانهن نظر ڪندو تہ اونداهي ۽ مصيبت ڏسندو ۽ روشنائي انهي جي ڪڪرن ڪري اونداهي ٿي ويندي.


۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند مون کي فرمايو، تہ اُٿي فرات ڏي وڃ، ۽ جيڪو ڪمربند مون توکي اُتي لڪائڻ لاءِ چيو هو سو وڃي اُتان ڪڍ.


اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.


جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


ڇالاءِ جو هڪڙي زور واري ۽ وڏي قوم منهنجي ملڪ تي چڙهي آئي آهي؛ هن جا ڏند شينهن جا ڏند آهن، ۽ هن جي ڏاٺ وڏي شينهن جهڙي آهي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


هو ائين ٽپن ٿا جيئن جبلن جي چوٽين تي گاڏين جو گوڙ ٿيندو آهي، جيئن بهہ سڙڻ ۾ باهہ جا شعلا آواز ڪندا آهن، جيئن زور وارا ماڻهو صفون ٻڌي جنگ ڪندا آهن.


هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


خداوند خدا جي اڳيان ماٺ ڪري بيهہ؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آيو آهي: خداوند هڪڙي قرباني تيار ڪئي آهي، ۽ هن پنهنجا مهمان بہ خاص طرح مقرر ڪري ڇڏيا آهن.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن روشني نہ رهندي، پر ٿڌ ۽ پارو هوندو.


ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي.


ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا.


اڳوڻا ڏينهن ياد ڪر، گهڻين پيڙهين تي غور ڪر: پنهنجي پيءُ کان پڇ، تہ اهو توکي سمجهائي؛ پنهنجن بزرگن کان پڇ، تہ اهي توکي ٻڌائين.


ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان،


سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.


۽ هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ کڏ مان دونهون نڪرڻ لڳو، جيئن ڪنهن وڏي کوري مان دونهون نڪرندو آهي؛ ۽ اُنهيءَ کڏ جي دونهين ڪري سج ۽ هوا اوندهہ ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ