Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:17 - Sindhi Bible

17 ڀلي تہ ڪاهن، جي خداوند جا خدمتگار آهن، سي ڏيڍيءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ روئن، ۽ چون تہ اي خداوند پنهنجي قوم کي معاف ڪر، ۽ پنهنجي ميراث تي اُها خواري نہ آڻ تہ قومون انهن تي حڪم هلائين: ڇو هو قومن جي وچ ۾ چون تہ هنن جو خدا ڪٿي آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:17
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهر جي پاڪ جاءِ جي اڳيان جيڪو ورانڊو هو، تنهن جي ڊيگهہ گهر جي ويڪر جيتري ويهہ هٿ هئي، ۽ انهي ورانڊي جي ويڪر گهر جي اڳيان ڏهہ هٿ هئي.


تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:


تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني آهي تنهن مان، آءٌ هنن جون پاڙون پٽي ڪڍندس ۽ هيءُ گهر، جو مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي سو آءٌ پنهنجي نظر کان پاسي ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي سڀني قومن ۾ ضرب المثل ۽ هڪڙو مثال ڪري ڇڏيندس.


تنهن کانپوءِ سليمان جيڪا خداوند جي قربانگاهہ دالان جي اڳيان جوڙي هئي، تنهن تي سوختني قربانيون چاڙهيون،


ڏس، اڄ اسين غلام آهيون، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ اُنهيءَ جو ڦر ۽ انهيءَ مان جيڪي شيون پيدا ٿين سي کائين، تنهن ۾ اسين غلام آهيون.


ڌاريون قومون ڇو چون تہ هاڻي هنن جو خدا ڪٿي آهي؟


جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.


منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟


جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي.


اي خدا ڪيستائين دشمن طعنا هڻندو رهندو؟ دشمن تنهنجي نالي تي هميشہ تائين ڪفر بڪندو ڇا؟


ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي.


اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


جيڪي اتان لنگهن ٿا سي انهن کي پيا لٽين: ۽ هو پنهنجي پاڙيوارن لاءِ طعنن جو سبب آهي.


اي خداوند تنهنجي دشمنن ڪيئن نہ طعنا هنيا آهن، بلڪ جنهن کي تو مسح ڪيو اهي تنهن کي قدم قدم تي طعنا ٿا هڻن.


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.


۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:


تنهن ڪري هاڻي اي خداوند اسان جا خدا، تون اسان کي هن جي هٿ کان بچاءِ، تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن، تہ رڳو تون ئي اڪيلو خداوند آهين.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.


تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.


اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.


کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.


تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو.


۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.


۽ جڏهن سڀني بني اسرائيلين جماعت واري تنبوءَ جي در تي پئي رنو، تڏهن هڪڙو اسرائيلي، موسيٰ ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو، هڪڙيءَ مدياني زال کي پاڻ سان گڏ، پنهنجن ڀائرن وٽ وٺي آيو.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.


هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان.


۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين.


پر مون کي دشمن جي چيڙائڻ جو خيال ٿيو، تہ متان انهن جا مخالف اُبتو سمجهن، ۽ چون تہ اسين پنهنجي هٿ سان سرفراز ٿيا آهيون، ۽ خداوند هي سڀ نہ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو ڪنعاني، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري گهيري ويندا، ۽ زمين تان اسان جو نالو ئي ميٽجي ويندو: پوءِ تون پنهنجي وڏي نالي لاءِ ڇا ڪندين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ