Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:13 - Sindhi Bible

13 ۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:13
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.


تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ شريعت جي ڪتاب جو ڪلام ٻڌو تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جيئاريان، جو هي ماڻهو هڪڙي ڪوڙهئي کي ڇُٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ پر ڀلائي ڪري ويچار ڪريو ۽ ڏسو تہ ڪيئن هو مون سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ وجهہ ٿو ڳولي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ زال جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو؛ (هاڻي هو ڀت جي مٿان لنگهيو ٿي ويو) ۽ ماڻهن نهاري ڏٺو تہ هن کي اندران بت تي کٿو پيل هو.


تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ انهيءَ وقت هنن کي ڪو چڱو رستو سيکارج تہ انهيءَ تي هلن، ۽ انهيءَ پنهنجي زمين تي مينهن موڪلج، جا تو ورثو ڪري پنهنجي قوم کي ڏني آهي.


۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.


تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي.


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


جيڪي دل شڪستا آهن تن کي خداوند ويجهو آهي، ۽ جيڪي توبهہ ٿا ڪن تن کي بچائي ٿو.


شڪستہ روح خدا جي قرباني آهي: اي خدا تون شڪستہ دل کي حقير ڪين سمجهندين.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي.


ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.


۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي ۽ طاقت ۾ وڏو آهي، ۽ ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي نہ ڏيندو. خداوند جي راهہ واچوڙي ۾ ۽ طوفان ۾ آهي، ۽ بادل هن جي پيرن جي مٽي آهن.


خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي.


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي،


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ