Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:11 - Sindhi Bible

11 ۽ خداوند پنهنجي لشڪر جي اڳيان پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو؛ ڇالاءِ جو هن جي لشڪرگاهہ وڏي آهي؛ ۽ اُهو جيڪو هن جي حڪم جي تعميل ٿو ڪري سو مضبوط آهي: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن وڏو ۽ تمام خوفناڪ آهي، ۽ ڪير اُهو سهي سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:11
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجا تير هڻي اُنهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، بلڪ وِڄون وسائي اُنهن کي بند ڪيائين.


قومون ڪاوڙيون، بادشاهتن کي لوڏو اچي ويو: اڃا هن پنهنجو آواز ڪڍيو تہ زمين ڳري ويئي.


تون مٿي چڙهي ويو آهين، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي ويو آهين؛ توکي ماڻهن کان، بلڪ فسادين کان نذرانا مليا آهن؛ تہ خداوند خدا انهن منجهہ رهي.


جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.


خداوند بهادر مرد وانگي نڪرندو، هو جنگي مرد وانگي غيرت پيدا ڪندو: هو رڙ ڪندو، هائو، هو وڏا سڏ ڪندو: هو پنهنجي دشمن تي غالب ٿيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ خداوند مصر جي ندين جي تمام مٿانهين ڀاڱي مان مکين کي، ۽ اسور جي زمين مان ماکيءَ جي مکين کي سينڍ وڄائي سڏيندو.


تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري.


جن ڏينهن ۾ آءٌ توکان حساب وٺندس انهن ڏينهن ۾ تنهنجي دل صبر ڪري سگهندي ڇا، يا تنهنجا هٿ زوراور رهي سگهندا ڇا؟ مون خداوند ائين فرمايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!


ڇالاءِ جو هڪڙي زور واري ۽ وڏي قوم منهنجي ملڪ تي چڙهي آئي آهي؛ هن جا ڏند شينهن جا ڏند آهن، ۽ هن جي ڏاٺ وڏي شينهن جهڙي آهي.


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


فيصلي واري واديءَ ۾ خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي.


۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.


۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.


اوهين جي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو، تن جي لاءِ افسوس آهي! ڇو اوهين خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اُهو روشنائي نہ پر اوندهہ آهي.


خداوند جو ڏينهن اونداهي نہ ٿيندو ڇا؟ انهيءَ ۾ روشنائي نہ پر بنا تجلي اوندهہ انڌوڪار هوندو.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن سڀني قومن تي ويجهو آيو آهي: جيئن تو پاڻ ڪيو آهي، تيئن توسان بہ ڪيو ويندو؛ تنهنجو ڪيو خود تنهنجي مٿي تي موٽي ايندو.


هن جي غصي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟ ۽ هن جي ڪاوڙ جي جوش مهل ڪير بيهي سگهندو! هن جو قهر باهہ وانگي ڦاٽي ٿو نڪري، ۽ ٽڪرن کي هو چيري ٿو ڇڏي.


پر هن جي آمد جو ڏينهن ڪير سهي سگهندو؟ ۽ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن ڪير بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگي آهي:


۽ هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چيائين تہ: افسوس جڏهن خدا ائين ڪندو تڏهن ڪير جيئرو رهندو؟


ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


ڇالاءِ جو انهن جي ڪاوڙ جو عظيم ڏينهن اچي پهتو آهي؛ ۽ ڪير بيهي سگهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ