يوايل 2:1 - Sindhi Bible1 اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.