Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 1:20 - Sindhi Bible

20 هائو، جهنگ جا مرون تنهنجي اڳيان سهڪن ٿا: ڇالاءِ جو پاڻيءَ جون نهرون سُڪي ويون آهن، ۽ باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جھنگلي جانور بہ تو آڏو پيا اڃ مرن، ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ جون نديون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن. آہ! سڀ ڪجھہ سخت گرميءَ ۾ سڙي رک ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 1:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها نهر سڪي ويئي، ڇالاءِ جو ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو هو.


۽ اخي آب عبدياہ کي چيو تہ زمين ۾ گشت ڪري پاڻيءَ جي سڀني حوضن ۽ سڀني نهرن تي وڃ: شايد اسين گاهہ لهون ۽ گهوڙن، ۽ خچرن جا ساهہ بچايون، تہ سڀ جانور وڃائي نہ ويهون.


ڪانگ جي لاءِ ڪير کاڌو موجود ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا خدا کي دانهون ڪري سڏين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري رلن ٿا؟


جوان شينهن شڪار جي پٺيان گجگار ٿا ڪن، ۽ خدا کان پنهنجو کاڌو ٿا گهرن.


سڀني جون اکيون تنهنجو انتظار ٿيون ڪن؛ ۽ تون کين وقت تي کاڌو ٿو پهچائين.


هو جانورن کي، ۽ ڪانگن جي ٻچن کي جي پڪارين ٿا، کاڌو ٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو زمين سڪي پئي آهي، ۽ ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو آهي، هاري شرمندا آهن ۽ پنهنجا مٿا ڍڪين ٿا.


جيڪي نبي قديم زماني ۾ مون کان اڳي ۽ توکان اڳي ٿي گذريا آهن، تن گهڻن ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي برخلاف جنگ ۽ مصيبت ۽ مرض بابت پيشنگوئيون ڪيون هيون.


جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ