Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 1:18 - Sindhi Bible

18 جانور ڪيئن نہ پيا سهڪن! ڍورن جا گلا حيران پريشان آهن؛ ڇالاءِ جو هنن کي چارو ڪونهي؛ هائو، رڍن جا ڌڻ سُڃا ڪيا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 1:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخي آب عبدياہ کي چيو تہ زمين ۾ گشت ڪري پاڻيءَ جي سڀني حوضن ۽ سڀني نهرن تي وڃ: شايد اسين گاهہ لهون ۽ گهوڙن، ۽ خچرن جا ساهہ بچايون، تہ سڀ جانور وڃائي نہ ويهون.


۽ بادشاهہ سليمان سان اسرائيل جي ساري جماعت، جا وٽس گڏ ٿي هئي، سا صندوق جي اڳيان گڏ ٿي؛ ۽ رڍون، ۽ ڏاند ايترا قرباني ڪيائون، جو گهڻائيءَ جي ڪري اُهي شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئا.


ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو.


تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.


هائو، جهنگ جا مرون تنهنجي اڳيان سهڪن ٿا: ڇالاءِ جو پاڻيءَ جون نهرون سُڪي ويون آهن، ۽ باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن.


۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.


ڇو جو جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي ڊاکن ۾ ڦر ٿيندو؛ ۽ زيتون جو پورهيو بي ڦل ٿيندو، ۽ ٻنيون اَن پيدا نہ ڪنديون؛ ڌڻ واڙي کان وڍيو ويندو، ۽ ڍور وٿاڻ ۾ نہ هوندا:


تنهنڪري اوهان جي خاطر آسمان مان ماڪ نٿي پوي؛ ۽ زمين جو ڦر روڪجي ويو آهي.


اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ