1 خداوند جو ڪلام جو يوايل بن فتوايل تي نازل ٿيو.
1 هي خداوند جو اهو پيغام آهي جيڪو يوايل ولد فتوايل جي معرفت ڏنو ويو.
جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.
ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو.
اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.
پر هيءَ اها ڳالهہ آهي، جا يوئيل نبي اڳيئي چئي ويو آهي؛
ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.