Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:30 - Sindhi Bible

30 هن جواب ڏيئي چين تہ واهہ، هيءُ بہ هڪڙو عجب، هن منهنجيون اکيون کوليون آهن، تڏهن بہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي سڌ نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:30
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجيون اکيون کول، تہ آءٌ تنهنجيءَ شريعت جا عجيب ڪم ڏسان.


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


۽ انهي ڏينهن ٻوڙا ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌندا، ۽ انڌن جون اکيون انڌڪار ۽ اونداهيءَ منجهان ڏسنديون.


تڏهن انڌن جون اکيون کلنديون، ۽ ٻوڙن جا ڪن کوليا ويندا.


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“


۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو.


يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي،


پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ تون اسرائيل جو اُستاد آهين ۽ پوءِ بہ اهي ڳالهيون نٿو سمجهين؟


اسان کي خبر آهي تہ خدا، موسيٰ سان ڪلام ڪيو آهي: پر انهي ماڻهوءَ جي اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪٿان جو آهي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ