Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:3 - Sindhi Bible

3 يسوع جواب ڏنو، تہ نڪي هن گناهہ ڪيو آهي، نڪي هن جي ماءُ پيءُ: پر اهو انهي ڪري ٿيو آهي، تہ خدا جا ڪم هن ۾ پڌرا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 يسوع وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي پاپ سان يا سندس ماتا پتا جي پاپ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان ايشور جا ڪم ظاهر ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي گناهہ سان يا سندس ماءُ پيءُ جي گناهہ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان خدا جا ڪم ظاهر ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھن جي انڌائپ جو ھن جي گناھہ سان يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. ھو انھيءَ ڪري انڌو آھي تہ جيئن ھن مان خدا جا ڪم ظاھر ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، آءٌ اوهان جا خيال معلوم ڪريان ٿو، ۽ جيڪي رٿون مون سان ظلم ڪرڻ لاءِ اوهين منهنجي برخلاف رٿيو ٿا.


هن جي ڪاوڙ سندس ٽن دوستن تي بہ دکي، ڇالاءِ جو هنن کي جواب ڪو نہ ٿي سُجهيو، ۽ انهيءَ هوندي بہ ايوب کي ڏوهاري ٿي سمجهيائون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايوب کي اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن خداوند اليفز تيماني کي چيو تہ منهنجي ڪاوڙ توتي ۽ تنهنجي ٻن دوستن تي ڀڙڪي آهي؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت ۾ اها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.


يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟


جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.


خدا جو پيار، اسان منجهہ هن طرح ظاهر ٿيو جو خدا پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ اسين انهي جي وسيلي جيئرا رهون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ