Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن وري انهي انڌي کي چوڻ لڳا تہ هن جو تنهنجيون اکيون کوليون آهن، تنهن جي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ هن چيو تہ هو نبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو نبي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ميڙاڪن چيو تہ هي گليل جي ناصرت وارو نبي يسوع آهي.


۽ هن چين تہ ڪهڙيون؟ تڏهن هنن چيس تہ يسوع ناصريءَ بابت، جو خدا توڙي ساري خلق اڳيان رهڻيءَ توڙي ڪهڻيءَ ۾ پهچ وارو نبي هو.


زال چيس، تہ اي سائين، آئون سمجهان ٿي تہ تون ڪو نبي آهين.


پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.


تڏهن وري فريسين بہ پڇيس تہ ڪهڙيءَ طرح تون ڏسڻ وائسڻ لڳين؟ هن چين تہ منهنجين اکين تي مٽي لاتائين، ۽ مون وڃي ڌوتيون، ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.


خداوند تنهنجو خدا تو منجهان، يعني تنهنجن ڀائرن منجهان، تنهنجي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندو؛ اوهين انهي جي ٻڌجو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ