Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:16 - Sindhi Bible

16 تنهن تي فريسين مان ڪي چوڻ لڳا تہ هيءُ ماڻهو خدا وٽان نہ آهي، ڇالاءِ تہ هو سبت جو ڏينهن نٿو واري. پر ٻيا چوڻ لڳا تہ جو ماڻهو گنهگار آهي، سو اهڙا معجزا ڪيئن ڪري سگهندو؟ ۽ هنن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو گنهگار آهي سو اهڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين.


پر جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو، تڏهن هن کي چيائون، تہ ڏس، تنهنجا شاگرد جيڪي ڪن ٿا سو سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا ناهي.


۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن.


انهن ڳالهين ڪري يهودين ۾ وري بہ اچي اختلاف پيو.


مون تي ايمان آڻيو تہ آئون پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾: نہ تہ هي ڪم جيڪي آئون ڪريان ٿو، تن جي ڪري ئي مون تي ايمان آڻيو.


جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


تڏهن جيڪو ماڻهو ڇُٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي چوڻ لڳا تہ اڄ سبت آهي، سو توکي کٽولو کڻڻ روا نہ آهي.


پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


تنهن تي يهودي پاڻ ۾ اچي اٽڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو اسان کي پنهنجو گوشت ڪيئن کائڻ لاءِ ڏيندو؟


۽ هن بابت ماڻهن ۾ ڏاڍي سُر پُر هلي: ڪن پئي چيو تہ هو نيڪ ماڻهو آهي: ۽ ٻين پئي چيو تہ نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ٿو ڪري.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو سبت جي ڏينهن ختنو ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جو حڪم نٿو ڀڄي؛ تہ پوءِ مون سان ڇو ڪاوڙيا آهيو، جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن سڄو سارو ڪري ڇڏيو؟


تنهن تي هن جي ڪري ماڻهن ۾ اچي جدائي ٿي.


تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.


پر شهر جي ماڻهن ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ ۽ ڪي يهودين جي طرف ٿيا ۽ ڪي رسولن جي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ