Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:55 - Sindhi Bible

55 اوهان هن کي نہ سڃاتو آهي، پر آئون کيس ڄاڻان ٿو؛ ۽ جيڪڏهن چوان تہ آئون نٿو ڄاڻانس، تہ جيڪر اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيان: پر آئون ڄاڻانس ٿو، ۽ سندس ڪلام تي هلان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

55 تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 تڏهن بہ اوهان هن کي ڪونہ ڄاتو آهي، پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ هن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڳالهين تي عمل ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

55 اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:55
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.


۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن.


هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:


منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري.


سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي؛ هڪڙو ئي فرزند، جو پيءُ جي هنج ۾ آهي، تنهن ئي ظاهر ڪيو اٿس.


جيئن ڪ پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو، تيئن آئون پيءُ کي سڃاڻان ٿو؛ ۽ آئون رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏيان.


جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.


پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن.


۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.


اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛


ائين نہ آهي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ پيءُ کي ڏٺو آهي، سواءِ انهي جي، جو خدا وٽان آهي، تنهن ئي پيءُ کي ڏٺو آهي.


تڏهن اُهي چوڻ لڳس تہ تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟ يسوع جواب ڏنو تہ اوهين نڪي مون کي ٿا سڃاڻو، نڪي منهنجي پيءُ کي: جي مون کي سڃاڻو ها تہ جيڪر منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها.


۽ جنهن موڪليو اٿم سو مون ساڻ آهي؛ هن مون کي اڪيلو ڪين ڇڏيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون کيس وڻندڙ آهن، سي ئي آئون هر دم پيو ڪريان.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، تہ اُهو موت اصل ئي ڪين ڏسندو.


يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.


ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون:


ڪوڙو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو هن ڳالهہ جو انڪار ٿو ڪري تہ يسوع ئي مسيح آهي؟ مخالف مسيح بہ اهو ئي آهي، جو پيءُ ۽ پٽ کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري.


۽ جيڪو چوي ٿو تہ آئون هن کي سڃاڻان ٿو ۽ سندس حڪمن تي نٿو هلي، سو ڪوڙو آهي ۽ منجهس سچائي ڪانهي.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ