Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:52 - Sindhi Bible

52 يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

52 تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابرهام مري ويو ۽ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:52
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.


۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:


يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين.


اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.


جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي.


ماڻهن جواب ڏنو تہ تو ۾ ڀوت آهي، ڪير توکي مارڻ جي ٿو ڪري؟


تنهن تي يهودي چوڻ لڳا، تہ متان پاڻ کي ماريندو تہ ڪين، جو چوي ٿو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا؟


يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، تہ اُهو موت اصل ئي ڪين ڏسندو.


اوهان هن کي نہ سڃاتو آهي، پر آئون کيس ڄاڻان ٿو؛ ۽ جيڪڏهن چوان تہ آئون نٿو ڄاڻانس، تہ جيڪر اوهان جهڙو ڪوڙو ٿيان: پر آئون ڄاڻانس ٿو، ۽ سندس ڪلام تي هلان ٿو.


تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.


اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.


پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ