Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:48 - Sindhi Bible

48 يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 تڏهن انهن يهودين يسوع کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 تڏهن انهن يهودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:48
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!


انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو:


ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.


پر جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو جو ڀوت ٿو ڪڍي، سو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد ڌاران ڪونہ ٿو ڪڍي.


تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو.


اي رياڪارو، اوهان بابت يسعياہ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪئي آهي تہ


۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:


۽ منجهانئن گهڻا چوڻ لڳا تہ هن ۾ ڀوت آهي ۽ چريو آهي: اوهين ڇو ٿا سندس ڳالهيون ٻُڌو؟


اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان.


تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي).


ماڻهن جواب ڏنو تہ تو ۾ ڀوت آهي، ڪير توکي مارڻ جي ٿو ڪري؟


تنهن تي يهودي چوڻ لڳا، تہ متان پاڻ کي ماريندو تہ ڪين، جو چوي ٿو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا؟


يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.


ڇالاءِ تہ مسيح بہ پاڻ کي خوش نہ ڪيو، پر لکيل آهي تہ ”جن توکي طعنا هنيا، تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“


انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


تنهنجو ايمان آهي تہ خدا هڪڙو آهي، سو چڱو ٿو ڪرين؛ بدروحن کي بہ اهڙو ايمان آهي ۽ ڏڪن پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ