Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:47 - Sindhi Bible

47 جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 جيڪو بہ ايشور جو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين ايشور جا نہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جيڪو بہ خدا جو آهي سو خدا جون ڳالهيون ٻڌي ٿو. پر اوهين انهيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو جو اوهين خدا جا نہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 جيڪو خدا وٽان اچي ٿو سو خدا جون ڳالھيون ٻڌي ٿو. اوھين انھيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا وٽان نہ آيا آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:47
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گهڻا پاڻ کي پاڪ ڪندا، ۽ پاڻ کي صاف ڪندا، ۽ سڌريل ٿيندا؛ پر شرير شرارت جا ڪم ڪندا؛ ۽ شريرن مان ڪوبہ نہ سمجهندو: پر جيڪي ڏاها هوندا، سي ئي سمجهندا.


جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.


تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هاڻي اچي سهڙي آهي، جنهن ۾ مُردا خدا جي فرزند جو آواز ٻُڌندا؛ ۽ جيڪي ٻُڌندا سي جيئندا.


۽ هن چيو، تہ انهي سبب ڪري مون اوهان کي چيو آهي تہ ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ هن کي پيءُ وٽان اهڙي طاقت نہ ملي.


مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو.


پر ڇالاءِ تہ آئون سچ ٿو چوان، تنهنڪري مون تي ايمان نٿا آڻيو.


انهي ڪري خدا جا ٻار ۽ شيطان جا ٻار پڌرا ٿا ٿين: جيڪو راستبازيءَ جا ڪم نٿو ڪري، سو خدا مان ناهي، نڪي اهو جو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري.


جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي.


جيڪو حد کان ٻاهر ٿو وڃي، ۽ مسيح جي تعليم تي قائم نٿو رهي، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي: جيڪو تعليم تي قائم ٿو رهي، تنهن وٽ پيءُ بہ موجود آهي ۽ فرزند بہ.


اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ