Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:46 - Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪير مون تي گناهہ ثابت ٿو ڪري؟ جي آئون سچ ٿو چوان تہ اوهين ڇو نٿا مون تي ايمان آڻيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو پاپ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو گناهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

46 اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:46
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوحنا جي بپتسما ڪٿان آئي؟ آسمان کان يا ماڻهن کان؟ ۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو، تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيو؟


۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ چوندو تہ تڏهن ڇو هن کي نہ مڃيو،


هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛


جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.


۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو:


تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.


جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو.


مگر جڏهن هو کانئس پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين، تہ اوهان مان جيڪو بيگناهہ هجي، سو پهريائين هن کي پهڻ هڻي.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ