Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:40 - Sindhi Bible

40 پر مون، جنهن اوهان کي سچ چيو آهي، جو خدا کان ٻُڌو اٿم، تنهن شخص کي مارڻ جي ٿا ڪريو: ابراهيم تہ ائين ڪين ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا ايشور کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابرهام تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا خدا کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابراهيم تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:40
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار ماڻهو سچار جي برخلاف منصوبو ٿو رِٿي، ۽ مٿس ڏند ٿو ڪرٽي.


بڇڙو ماڻهو سچار جو وجهہ پيو ڳولي تہ کيس قتل ڪري.


۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا.


مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.


اوهان جو ابو ابراهيم منهنجي ڏينهن ڏسڻ جي اُميد تي ڏاڍو خوش هو؛ ۽ هن اُهو ڏٺو، ۽ سرهو ٿيو.


۽ انهن ختني وارن جو بہ ابو ٿئي، جن جو نہ فقط ختنو ٿيل آهي پر جي اسان جي پيءُ ابراهيم جي انهي ايمان جي پيروي بہ ٿا ڪن، جو هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو.


تڏهن هاڻي اوهان کي سچ چوڻ ڪري آئون اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان ڇا؟


پر جيئن انهي وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، روحاني طرح پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو؛ تيئن هاڻي بہ آهي.


۽ ازدها کي انهيءَ زال تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ سندس باقي اولاد، جو خدا جي حڪمن تي ٿو هلي، ۽ يسوع جي شاهدي ٿو ڀري، تنهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو.


۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ