Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:33 - Sindhi Bible

33 هنن جواب ڏنس، تہ اسين ابراهيم جو اولاد آهيون، ۽ اڃا تہ ڪنهن جي غلامي ڪانہ ڪئي اٿئون: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ اوهين آزاد ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابرهام جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”اسين ابراهيم جو اولاد آهيون ۽ ڪڏهن بہ ڪنهن جا غلام نہ ٿيا آهيون، تہ پوءِ تنهنجي انهيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آهي تہ ’اوهين آزاد ٿيندا‘؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:33
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


ڇالاءِ جو اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو: اهي غلامن وانگي وڪيا نہ وڃن.


۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


هاڻي يسوع جي صليب وٽ سندس ماءُ، سندس ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم، ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي.


هنن جواب ڏيئي چيس، تہ اسان جو پيءُ تہ ابراهيم آهي. يسوع چين تہ جي اوهين ابراهيم جو اولاد هجو ها، تہ هوند ابراهيم جهڙا ڪم ڪريو ها.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو.


نڪي ابراهيم جي نسل مان هئڻ سبب اهي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آهن: پر لکيل آهي تہ ”اسحاق کان ئي تنهنجو نسل سڏيو ويندو.“


۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.


تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي.


۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ