Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:26 - Sindhi Bible

26 مون کي اوهان جي بابت گهڻو ڪي چوڻو آهي، ۽ فيصلو ڪرڻو آهي: پر جنهن مون کي موڪليو آهي سو سچو آهي، ۽ جيڪي کانئس ٻُڌو اٿم، سو ئي جهان کي ٻُڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون سنسار کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون دنيا کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:26
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.


مون کي اڃا بہ اوهان کي ڪيتريون ڳالهيون چوڻيون آهن، پر اهي اوهين هينئر سهي ڪين سگهندا.


ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.


آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، تنهن جي ڳالهہ ٿا ڪريون، ۽ جيڪي ڏٺو اٿئون، تنهن جي شاهدي ٿا ڀريون؛ ۽ اوهين اسان جي شاهدي قبول نٿا ڪريو.


پوءِ يسوع جواب ڏيئي چين تہ منهنجي تعليم منهنجي نہ آهي، پر انهي جي آهي جنهن موڪليو اٿم.


پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو.


اُنهن چيس تہ تون ڪير آهين؟ يسوع چين تہ اُهو ئي آهيان، جو اصل کان اوهان کي چوندو آيو آهيان.


هنن سمجهيو ئي ڪين تہ ڪو پيءُ جي بابت ٿو اسان کي چوي.


پر مون، جنهن اوهان کي سچ چيو آهي، جو خدا کان ٻُڌو اٿم، تنهن شخص کي مارڻ جي ٿا ڪريو: ابراهيم تہ ائين ڪين ڪيو.


پر خدا ٿو ڄاڻي تہ اسين جيڪي اوهان کي چئون ٿا، تنهن ۾ هائو ۽ نہ ٻئي نہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ