Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:21 - Sindhi Bible

21 تڏهن وري چيائين تہ آئون وڃان ٿو، ۽ اوهين مون کي ڳوليندا، پر جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، ۽ اوهين پنهنجي گناهہ ۾ مرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 يسوع وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن پاپن ۾ مرندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 عيسيٰ وري يهودي اڳواڻن کي چيو تہ ”آءٌ هليو ويندس ۽ اوهين مون کي ڳوليندا. پر جتي آءٌ ويندس اتي اوهين اچي نہ سگھندا، بلڪ پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 عيسيٰ وري انھن کي چيو تہ ”آءٌ ھليو ويندس ۽ اوھين مون کي ڳوليندا، پر اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ويندس ۽ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:21
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي ڌڻيءَ توکي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليو آهي: ۽ جڏهن هنن چيو تہ هو هتي ڪونهي تڏهن هن انهيءَ بادشاهت ۽ قوم کان قسم کڻايو تہ هنن توکي نہ لڌو.


هن جا هڏا جوانيءَ سان ڀريل آهن، پر اها ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ ليٽندي.


جڏهن ڪو شرير ماڻهو مري ٿو، تڏهن اُنهي جي مراد بہ مرندي: ۽ ظالم ماڻهوءَ جي اُميد چٽ ٿي وڃي ٿي.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو.


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين هن کان پوءِ مون کي تيسين نہ ڏسندا، جيسين ڪ چوندا تہ اُهو مبارڪ آهي، جو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.


پر ائين جو چيائين ٿي، تنهن مان مراد هيس تہ ڏيکاريان تہ ڪهڙيءَ طرح منهنجو موت ٿيندو.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان.


اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ ڪين لهندا: ۽ جتي آئون آهيان، اوهين اچي ڪين سگهندا.


اها ڳالهہ جا ڪيائين، تنهن جي معنيٰ ڇا، تہ اوهين مون کي ڳوليندا ۽ ڪين لهندا، ۽ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين اچي ڪين سگهندا؟


تنهنڪري مون چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين نہ مڃيندا تہ آئون اُهو ئي آهيان، تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا.


۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ