Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:20 - Sindhi Bible

20 اهي ڳالهيون هيڪل ۾ تعليم ڏيندي خزاني ۾ چيائين: ۽ ڪنهن بہ ڪين پڪڙيس، جو سندس گهڙي اڃا ڪانہ آئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 يسوع اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ دان وارين پيتين وٽ سکيا ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.


اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،


پوءِ سردار ڪاهنن اُهي روپيا کڻي چيو، تہ هنن جو خزاني ۾ رکڻ روا نہ آهي، ڇالاءِ جو اها خون جي قيمت آهي.


پوءِ هو هيڪل جي خزاني جي سامهون ويهي رهيو، ۽ ڏٺائين تہ ڪيئن ماڻهو پئسا خزاني ۾ ٿا وجهن: ۽ ڪيترا جي دولتمند هئا، تن گهڻوئي ڪي اُن ۾ وڌو ٿي.


تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي سڀ جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن کان هن غريب بيوهہ وڌيڪ وڌو آهي.


۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.


پوءِ جڏهن هن مٿي نهاريو، تہ ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي خزاني ۾ پنهنجا نذرانا پيا وجهن.


تڏهن اُهي وري بہ کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا پر هو سندن هٿان نڪري ويو.


يسوع هن کي چيو تہ مائي، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گهڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.


پوءِ جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا، تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.


تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي.


۽ انهن مان ڪن کيس پڪڙڻ جي ٿي ڪئي، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس.


اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي.


۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ