Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جي کڻي آئون ڪنهن جو فيصلو ڪريان بہ، تہ منهنجو فيصلو سچو آهي، ڇالاءِ تہ آئون اڪيلو نہ آهيان، پر آئون ۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي.


۽ جنهن موڪليو اٿم سو مون ساڻ آهي؛ هن مون کي اڪيلو ڪين ڇڏيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون کيس وڻندڙ آهن، سي ئي آئون هر دم پيو ڪريان.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ