Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:12 - Sindhi Bible

12 وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ٻئي دفعي يسوع فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ سنسار جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي جيون جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ٻئي دفعي عيسيٰ فريسين سان ڳالهائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آهيان. جيڪو بہ منهنجي پيروي ڪندو، تنهن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏهن بہ اونداهيءَ ۾ نہ گھمندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:12
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن منهنجي روح کي کڏ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، ۽ منهنجي حياتي روشنائي ڏسندي.


ڇالاءِ جو تون منهنجو ڏيئو روشن ڪندين: خداوند منهنجو خدا منهنجي اوندهہ کي سوجهرو ڪندو.


تہ بہ هو پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏبو؛ اهي سوجهرو ڪڏهن ڪين ڏسندا.


راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.


جي ماڻهو اونداهيءَ ۾ هلندا هئا تن روشنائي ڏٺي آهي: جيڪي موت جي پاڇي واري زمين تي رهندا هئا، تن تي اها روشنائي چمڪي آهي.


۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو.


تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور تي ايمان آڻيو، تہ اوهين نُور جا ٻار ٿيو. جڏهن اهي ڳالهيون چئي چڪو، تنهن کانپوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ پوءِ انهن وٽ پاڻ کي پڌرو نہ ڪيائين.


آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.


جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“


يعني تہ مسيح ضرور ڏک سهندو، ۽ اهوئي پهرين مُئلن مان جي اُٿندو، تہ اُمت کي توڙي غير قومن کي سوجهري جي خبر ٻُڌائي.


اهي اهڙن چشمن وانگر آهن جن جو پاڻي سُڪي ويو آهي، ۽ ڪوهيڙي وانگر آهن جنهن کي طوفان اُڏايو ڇڏي، جن جي لاءِ ڀڀ اونداهہ مقرر ٿيل آهي.


ڇالاءِ تہ جڏهن گناهہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ خدا نہ ڇڏيو، پر دوزخ ۾ اُڇلائي وڌائين ۽ اونداهين کڏن ۾ بند ڪيائين، انهي لاءِ تہ عدالت ٿيڻ تائين اتي نظربند رهن:


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان جي هن سان شراڪت آهي، ۽ اوندهہ ۾ هلون تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ۽ سچ تي نٿا هلون:


سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي.


۽ جن ملائڪن پنهنجو درجو قائم نہ رکيو، پر پنهنجي خاص جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي هن هميشہ جي قيد ۾ عظيم ڏينهن واري عدالت تائين اوندهہ منجهہ رکيو آهي.


۽ قومون انهي جي روشنيءَ ۾ هلنديون: ۽ زمين جا بادشاهہ منجهس پنهنجو شان ۽ شوڪت آڻيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ