Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:52 - Sindhi Bible

52 هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون بہ گليل جو آهين ڇا؟ جاچ ڪري ڏس تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻ وارو نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

52 انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پوِتر شاستر پڙهي ڏس تہ تو کي سڌ پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪوبہ سنت پيدا ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پاڪ ڪلام پڙهي ڏس تہ تو کي خبر پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:52
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا،


تڏهن صدقياہ بن ڪنعانہ ويجهو آيو ۽ ميڪاياہ کي چماٽ هنيائين، ۽ چيائين تہ خداوند جو روح ڪهڙي رستي مون وٽان تو سان ڳالهائڻ لاءِ ويو؟


هن چيو تہ ڪنهن توکي اسان جي مٿان سردار يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ تنهن تي موسيٰ ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي آهي.


نتن ايل هن کي چيو تہ ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگهندي؟ فلپس چيس تہ ڀلا هلي ڏس.


اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛


۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ هيءُ مسيح آهي پر ڪن وري چيو تہ مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟


(۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو.)


هنن جواب ڏيئي چيس، تہ تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين، سو تون ٿو اسان کي سيکارين؟ پوءِ هنن کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ