Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:42 - Sindhi Bible

42 پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 ڇا پوِتر شاستر نہ ٿو چوي تہ مسيح راجا دائود جي پيڙهي مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 ڇا پاڪ ڪلام نہ ٿو چوي تہ مسيح دائود جي نسل مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:42
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.


خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.


تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس.


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


يسوع مسيح دائود جي فرزند، ابراهيم جي فرزند جو نسب نامو.


۽ هنن چيس تہ يهوديہ واري بيت الحم ۾، ڇالاءِ جو نبيءَ جي معرفت هيئن لکيو ويو آهي تہ


”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


۽ يوسف بہ گليل جي ناصرت نالي شهر مان، دائود جي يهوديہ واري شهر ۾ ويو، جنهن کي بيت الحم سڏيندا آهن، ڇالاءِ جو هو دائود جي گهراڻي ۽ نسل مان هو؛


پر هن جي تہ اسان کي خبر آهي تہ هو ڪٿان جو آهي، مگر جڏهن مسيح ايندو، تڏهن ڪنهن کي بہ خبر ڪانہ رهندي تہ اُهو ڪٿان جو آهي.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟


تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ