Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:30 - Sindhi Bible

30 تنهن تي هو کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر ڪنهن بہ هٿ نہ لاتس، ڇالاءِ جو اڃا سندس گهڙي ڪانہ آئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس:


پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.


۽ جڏهن انهن کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ماڻهن کان ڊنا، جو اُهي هن کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.


۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.


۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.


جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.


تنهن تي يهودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پهڻ کنيا.


تڏهن اُهي وري بہ کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا پر هو سندن هٿان نڪري ويو.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ فريسين حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، تہ جيڪڏهن ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ ڪٿي آهي تہ اچي ٻُڌائي، تہ هن کي پڪڙيون.


موسيٰ اوهان کي شريعت ڪين ڏني آهي ڇا، تہ بہ اوهان مان ڪو اُنهيءَ شريعت تي نٿو هلي؟ اوهين مون کي مارڻ جي ڇو ٿا ڪريو؟


فريسين ٻُڌو تہ ماڻهو هن جي بابت انهن ڳالهين جي سُر پُر پيا ڪن، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين، حوالدارن کي موڪليو تہ وڃي پڪڙي اچوس.


تڏهن يسوع چين، تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ ٻارهوئي آهي.


اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي.


اهي ڳالهيون هيڪل ۾ تعليم ڏيندي خزاني ۾ چيائين: ۽ ڪنهن بہ ڪين پڪڙيس، جو سندس گهڙي اڃا ڪانہ آئي هئي.


مون کي خبر آهي تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو؛ پوءِ بہ منهنجي مارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سو انهي لاءِ جو منهنجو ڪلام اوهان ۾ نٿو سمائجي.


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ