Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن سندس ڀائر چوڻ لڳس تہ هتان نڪري يهوديہ ۾ وڃ، تہ جيڪي ڪم تون پيو ڪرين، سي تنهنجا شاگرد بہ ڏسن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تنھنڪري عيسيٰ جي ڀائرن کيس چيو تہ ”ھتان نڪري يھوديہ ڏانھن ھليو وڃ، جتي تنھنجا شاگرد تنھنجا ھي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رھيو آھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري.


ڇالاءِ جو خود تنهنجي ڀائرن ۽ تنهنجي ابي جي گهراڻي بہ تو سان دغابازي ڪئي آهي؛ انهن بہ تنهنجي پٺيان وڏيون رڙيون ڪيون آهن: جيتوڻيڪ اُهي توسان مٺو ٿا ڳالهائين تہ بہ تون انهن تي ويساهہ نہ رک.


اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.


۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.


پوءِ هن جي ماءُ ۽ ڀائر آيا، ۽ ٻاهر بيهي هن کي پاڻ وٽ سڏيائون.


۽ سندس ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا، پر گوڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگهيا.


تنهن تي ڪن چيس، تہ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن، ۽ توکي گڏجڻ ٿا چاهين.


۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.


انهي ڪري سندس شاگردن مان گهڻن، جڏهن هيءُ ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءَ ڳالهہ تہ سخت آهي؛ اِها ڪير ٻُڌي سگهندو؟


تنهن تي سندس گهڻا شاگرد پٺتي موٽي هليا ويا، ۽ وري ساڻس ڪڏهن گهُمڻ جي نہ ڪيائون.


پر جڏهن سندس ڀائر عيد تي هليا ويا، تڏهن پاڻ بہ ويو، نہ کُليو کُلايو، پر ڄڻ ڳُجهو پالهو.


ڇالاءِ تہ ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو جيڪي ڪري سو لڪائي، ۽ پوءِ بہ ڀانئين تہ مشهور ٿيان. جي تون اهي ڪم ٿو ڪرين تہ جهان کي پاڻ پڌرو ڪري ڏيکار.


ڇوتہ سندس ڀائرن بہ مٿس ايمان ڪونہ آندو هو.


پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛


۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ