Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:19 - Sindhi Bible

19 موسيٰ اوهان کي شريعت ڪين ڏني آهي ڇا، تہ بہ اوهان مان ڪو اُنهيءَ شريعت تي نٿو هلي؟ اوهين مون کي مارڻ جي ڇو ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ڇا موسيٰ اوهان کي نيم نہ ڏنو هو؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ نيم تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ڇا موسيٰ اوهان کي شريعت نہ ڏني هئي؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:19
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.


پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.


۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.


۽ هنن کي چيائين تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ، يا مارڻ؟ پر هنن کڻي ماٺ ڪئي.


۽ فريسي ٻاهر نڪري ويا، ۽ يڪدم هيرودين سان سندس برخلاف صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


تڏهن اُهي وري بہ کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا پر هو سندن هٿان نڪري ويو.


پوءِ انهي ڏينهن کان وٺي هنن کيس قتل ڪرڻ جي صلاح مشورت ڪئي.


۽ انهي سبب ڪري يهودي، يسوع کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن سبت جي ڏينهن اهڙا ڪم ٿي ڪيا.


انهي سبب ڪري يهودي هيڪاري کيس مارڻ لاءِ وجهہ ڳولڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن نہ رڳو سبت ٿي ڀڳو، پر خدا کي خاص پنهنجو پيءُ سڏي، پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.


اوهين ائين نہ سمجهو تہ ڪو آئون پيءُ وٽ اوهان تي دانهن ڏيندس: اوهان تي دانهن ڏيڻ وارو تہ آهي، يعني موسيٰ، جنهن تي اوهين ڀاڙي ويٺا آهيو.


۽ هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل ۾ پئي گهُميو: ڇالاءِ تہ مرضي نہ هيس تہ يهوديہ ۾ گهُمان، جو يهودين کيس مارڻ لاءِ پئي وجهہ ڳوليا.


تڏهن يروشلم جي ماڻهن مان ڪي چوڻ لڳا، تہ هيءُ اُهو نہ آهي جنهن کي مارڻ جي ٿا ڪن؟


هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:


تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي.


ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن.


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان.


موسيٰ اسان کي هڪڙيءَ شريعت جو حڪم ڏنو، جا يعقوب جي جماعت لاءِ ميراث هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ