Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:15 - Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ وري اهو ڪتاب ڪنهن اڻ پڙهيل کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ مون کي پڙهڻ نٿو اچي.


۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟


۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.


۽ جڏهن ماڻهن اهو ٻُڌو، تڏهن هن جي تعليم ڪري عجب ۾ پئجي ويا.


۽ جن جن سندس ڳالهيون ٿي ٻُڌيون، تن کي سندس سمجهہ ۽ جوابن تي عجب ٿي لڳو.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


۽ يوحنا جي شاهدي هيءَ آهي، تہ جڏهن يهودين يروشلم مان ڪاهن ۽ لاوي وٽس موڪليا، تہ پڇي اچوس تہ تون ڪير آهين:


تڏهن يهودي عيد تي کيس ڳولڻ لڳا، ۽ پئي چيائون تہ هو ڪٿي آهي؟


تنهن هوندي بہ يهودين جي ڊپ کان ڪنهن بہ هن بابت کُلي کُلائي ڳالهہ نٿي ڪئي.


حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو.


اڃا هن انهيءَ طرح پنهنجو بچاءُ پئي ڏنو، تہ فيستس واڪو ڪري چيو، تہ اي پولس، تون ديوانو ٿي پيو آهين؛ تنهنجي گهڻي علم توکي چريو ڪري ڇڏيو آهي.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


۽ جڏهن اُهي سڀ ماڻهو جي هن کي اڳي سڃاڻندا هئا تن ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ نبوت ٿو ڪري، تڏهن اُهي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ قيس جي پٽ کي ڇا ٿيو آهي؟ سائول بہ نبين منجهان آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ