Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:14 - Sindhi Bible

14 پوءِ جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا، تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جڏهن تهوار جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ يسوع هيڪل ۾ اچي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن عيد جا اڌ جيترا ڏينهن گذريا تہ عيسيٰ هيڪل ۾ اچي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جڏھن عيد جا اڌ جيترا ڏينھن گذريا تہ ان مھل عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


وري ٻئي ڏينهن اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو:


وري ٽئين ڏينهن يارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛


۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،


۽ هن هر روز هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، پر سردار ڪاهنن، ۽ فقيهن، ۽ اُمت جي بزرگن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري کپائي ڇڏيون؛


يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.


ٿوري وقت کانپوءِ يسوع هن کي هيڪل ۾ گڏيو، ۽ چيائينس تہ ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿيو آهين: وري گناهہ نہ ڪج، متان هن کان بہ وڏي خرابي ٿئي ئي.


هاڻي يهودين جي تنبن جي عيد ويجهي هئي.


پوءِ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي آواز سان چيو، تہ اوهين مون کي سڃاڻو ٿا، ۽ خبر بہ اٿوَ تہ آئون ڪٿان جو آهيان؛ ۽ آئون پاڻو پاڻ نہ آيو آهيان، پر جنهن موڪليو اٿم، سو سچو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو.


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


اهي ڳالهيون هيڪل ۾ تعليم ڏيندي خزاني ۾ چيائين: ۽ ڪنهن بہ ڪين پڪڙيس، جو سندس گهڙي اڃا ڪانہ آئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ