Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:10 - Sindhi Bible

10 پر جڏهن سندس ڀائر عيد تي هليا ويا، تڏهن پاڻ بہ ويو، نہ کُليو کُلايو، پر ڄڻ ڳُجهو پالهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ان کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ھن کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي ويا. ھو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کليو کلايو نہ، بلڪ لڪ چوريءَ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.


اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.


مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.


۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.


تنهنڪري يسوع انهيءَ کانپوءِ يهودين منجهہ کُليو کُلايو ڪين گهُمندو هو، پر اُتان رڻ پٽ جي ڀر واري ملڪ ۾، افرائيم نالي شهر ڏانهن هليو ويو؛ ۽ اتي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.


تڏهن سندس ڀائر چوڻ لڳس تہ هتان نڪري يهوديہ ۾ وڃ، تہ جيڪي ڪم تون پيو ڪرين، سي تنهنجا شاگرد بہ ڏسن.


ڇوتہ سندس ڀائرن بہ مٿس ايمان ڪونہ آندو هو.


انهن ڳالهين چوڻ کانپوءِ هو گليل ۾ ئي رهيو پيو هو.


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ