Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:9 - Sindhi Bible

9 هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.


۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.


هو تنهنجين سرحدن ۾ سلامتي ٿو آڻي؛ ۽ توکي تمام عمدي ڪڻڪ سان ڀرپور ٿو ڪري.


خدا جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ خدا بيابان ۾ دسترخانو تيار ڪري ٿو سگهي ڇا؟


پوءِ بہ انهن موٽي خدا کي آزمايو، ۽ اسرائيل جي قدوس کي ناراض ڪيائون.


هو جيڪر کين چڱي ۾ چڱي ڪڻڪ کارائي: آءٌ هوند توکي ٽڪر جي ماکيءَ مان ڍءُ ڪرايان.


يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا.


۽ هنن چيس تہ اسان وٽ هتي فقط پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.


اڃا سمجهہ نٿي پئيوَ، ۽ اُهي پنجن هزارن ماڻهن واريون پنج مانيون اوهان کي ياد ڪينهن؟ ۽ اوهان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟


هن پڇين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ وڃي ڏسو. جڏهن ڏٺائون تڏهن اچي چيائون تہ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون.


جڏهن مون پنجن هزارن لاءِ پنج مانيون ڀڳيون، تڏهن اوهان ٽڪرن ٽيرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟ هنن چيس تہ ٻارهن.


پر هن چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيون. اُنهن چيو تہ اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪينهي، باقي چئين تہ اسين سڀني لاءِ وڃي کاڌو ڳنهي اچون.


تڏهن مارٿا يسوع کي چيو، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها، تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.


پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها.


يسوع چين تہ مڇيون جيڪي ماريون اٿوَ، تن مان ٿوريون کڻي اچو.


يسوع اچي ماني کڻي کين ڏني، ۽ مڇي بہ ڏنائين.


پوءِ جڏهن سُڪيءَ تي آيا، تڏهن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺائون، ۽ ماني بہ رکي هئي.


تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين.


فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون.


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو.


جنهن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ جوَ، ۽ انگور، ۽ انجير، ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ ٿا ٿين؛ جنهن ۾ تيل وارا زيتون ۽ ماکي ٿي ٿئي؛


۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ