Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:70 - Sindhi Bible

70 يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

70 تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو شيطان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

70 تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو ابليس آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

70 عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:70
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“


۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.


پوءِ جڏهن يسوع ائين چئي چڪو، تڏهن اندر ۾ پريشان ٿيڻ لڳو، ۽ شاهدي ڀري چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو.


۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري.


جيسين آئون ساڻن هوس، تيسين تنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ کين رکندو آيو آهيان: ۽ مون انهن جي سنڀال ڪئي آهي، ۽ جيڪو برباد ٿيڻو هو، تنهن بنا ٻيو ڪوبہ منجهانئن برباد نہ ٿيو؛ اِنهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.


۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.


پر توما، اُنهن ٻارهن مان هڪڙو، جنهن کي جاڙو ڪري سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل ساڻن ڪونہ هو.


پر اوهان مان ڪي آهن جي ايمان نٿا آڻين. ڇالاءِ تہ يسوع کي شروع کان خبر هئي تہ ڪهڙن ڪهڙن کي ايمان ڪونهي، ۽ ڪير مون کي جهلائيندو.


تڏهن يسوع هنن ٻارهن ڄڻن کي چيو، تہ اوهين بہ وڃڻ چاهيو ٿا ڇا؟


هن هيءَ ڳالهہ شمعون اسڪريوتي جي پٽ يهوداهہ جي بابت ڪئي، ڇالاءِ تہ اُهوئي ٻارهن مان هڪڙو هو، جنهن جهلايس.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


ڇالاءِ جو هو اسان مان ئي هڪڙو ليکبو هو، ۽ هن خدمت جي ڪم ۾ حصو هوس.


۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟


انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.


ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛


جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ