Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:7 - Sindhi Bible

7 فلپس هن کي جواب ڏنو، تہ هڪڙي هڪڙي کي ٿورو کائڻ لاءِ ملي، تہ بہ اُنهن لاءِ ٻن سون دينارن جون مانيون پوريون نہ ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون روٽيون پوريون نہ پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڇا، هي آءٌ هڪ سؤ ماڻهن جي اڳيان رکان ڇا؟ پر هن چيو تہ ماڻهن کي ڏي تہ کائين؛ ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هو اهو کائيندا ۽ بچائي بہ ڇڏيندا.


پر اُهو نوڪر ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن مان هڪڙو ڏٺائين، جنهن کان سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ انهيءَ کي جهلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ جيڪي لهڻائين سو ڏي.


پر هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. تڏهن هنن چيس تہ ڇا اسين ٻن سون دينارن جون مانيون خريد ڪري هنن کي کارايون؟


ٻئي ڏينهن يسوع گليل ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو، ۽ فلپس کي وڃي گڏيو، ۽ چيائينس تہ منهنجي پٺيان اچ.


اُهو فلپس بيت صيدا جو ويٺل هو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رهندا هئا.


فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري.


نتن ايل هن کي چيو تہ ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگهندي؟ فلپس چيس تہ ڀلا هلي ڏس.


نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو.


تہ هيءُ عطر ٽن سون دينارن تي وڪڻي غريبن کي ڇو نہ ڏنو ويو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ