Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:51 - Sindhi Bible

51 آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51 آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 آءٌ اها زندہ ماني آهيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن مانيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ زندہ رهندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن دنيا کي زندگي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:51
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ جيڪو جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي، سو ڪڏهن بہ ڪين مرندو، توکي اهو ايمان آهي؟


ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي.


۽ جيئن موسيٰ نانگ کي رڻ پٽ ۾ مٿي چاڙهيو، تيئن ابن آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو:


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي.


زندگيءَ جي ماني آئون آهيان.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي.


جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي اندران، جيئن ڪ پاڪ ڪلام ۾ چيل آهي، زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وهنديون.


يعني تہ خدا، مسيح ۾ ٿي ڪري جهان کي پاڻ سان ملايو، ۽ هنن جا قصور سندن ذمي شمار نہ ڪيائين، ۽ ميل ميلاپ جو ڪلام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


۽ جڏهن هن نئون ۽ جيئرو رستو پردي يعني پنهنجي جسم منجهان اسان لاءِ مخصوص ڪيو آهي؛


انهيءَ پهڻ وٽ اچو جنهن کي معمارن رد ڪري ڇڏيو، پر جو خدا کي پسند ۽ قيمتي آهي.


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.


۽ اسان ڏٺو آهي ۽ شاهدي ٿا ڀريون، تہ پيءُ پٽ کي موڪليو آهي تہ جهان جو نجات ڏيندڙ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ