Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:47 - Sindhi Bible

47 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي انهيءَ جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي ٿو تنهن جو ئي جيون امر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو تنهن جي ئي زندگي دائمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ ايمان آڻي ٿو تنھن جي ئي زندگي دائمي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:47
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي، سو ڪڏهن بہ ڪين مرندو، توکي اهو ايمان آهي؟


باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي.


جيڪو فرزند تي ايمان ٿو آڻي، هميشہ جي زندگي تنهن جي آهي، پر جيڪو فرزند جي نٿو مڃي، سو زندگي تہ نہ پَسندو، پر اُلٽو خدا جو غضب مٿس ٿو رهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي.


آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


جيڪو منهنجو گوشت ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، هميشہ جي زندگي اُنهي جي آهي: آئون هن کي پوئين ڏينهن جياري اُٿاريندس.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لٿي آهي: نہ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا: پر جيڪو هيءَ ماني ٿو کائي، سو هميشہ جيئرو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ