Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:44 - Sindhi Bible

44 ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو نہ ڇڪيس: ۽ آئون پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ انتم ڏينهن تي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:44
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


حبشي ڪو پنهنجي کل بدلائي سگهي ٿو ڇا يا ڪو چيتو پنهنجا چُٽا بدلائي سگهي ٿو ڇا؟ تڏهن اوهين بہ، جي بڇڙائي ڪرڻ تي هريل آهيو، سي چڱائي ڪري سگهندا.


خداوند قديم وقت کان مون کي ڏيکاري ڏئي چيو تہ هائو، مون دائمي محبت سان توکي پيار ڪيو آهي: تنهن ڪري رحمت سان توکي ڇڪيو اٿم.


مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو.


اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.


۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي.


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


اوهين جي هڪ ٻئي کان وڏائي ٿا گهُرو، پر اها وڏائي جا هڪڙي ئي خدا کان ٿي ملي تنهن جي ڳولا نٿا ڪريو، سي ڀلا ڪيئن ايمان آڻي سگهندا؟


يسوع جواب ڏيئي چين تہ پاڻ ۾ سُر پُر نہ ڪريو.


نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.


۽ هن چيو، تہ انهي سبب ڪري مون اوهان کي چيو آهي تہ ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ هن کي پيءُ وٽان اهڙي طاقت نہ ملي.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نٿا سمجهو؟ ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجو ڪلام ٻُڌڻ نٿا گهُرو.


ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو.


۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ