Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:35 - Sindhi Bible

35 يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 يسوع انهن کي چيو تہ ”جيون جي روٽي آءٌ آهيان. جيڪو مون تي وشواس رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آهيان. جيڪو مون تي ايمان رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:35
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.


افسوس اوهان تي، جي هينئر ڍاول آهيو! ڇالاءِ جو اوهين بکون ڪڍندا. افسوس اوهان تي، جي هاڻي کِلو ٿا! ڇالاءِ جو اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.


انهيءَ زال چيس تہ اي سائين، اُهو پاڻي مون کي ڏي تہ نہ اُڃ لڳيم، نڪي هيترو پنڌ ڪري هت ڀرڻ اچان.


تہ بہ اوهين مون وٽ اچڻ جي نٿا ڪريو تہ زندگي مليوَ.


جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.


تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.


۽ هن چيو، تہ انهي سبب ڪري مون اوهان کي چيو آهي تہ ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ هن کي پيءُ وٽان اهڙي طاقت نہ ملي.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


هنن کي وري نڪا بُک لڳندي، نڪا اُڃ؛ نڪا کين اُس لڳندي، نڪا گرمي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ