Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:33 - Sindhi Bible

33 ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 هائو، اها روٽي جيڪا ايشور ڏئي ٿو سا آڪاش مان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ سنسار کي جيون ڏئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 هائو، اها ماني جيڪا خدا ڏئي ٿو سا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:33
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو،


آئون پيءُ منجهان نڪري دنيا ۾ آيو آهيان، وري دنيا ڇڏي پيءُ وٽ ٿو وڃان.


ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


ڪوبہ ماڻهو آسمان ۾ چڙهي ڪونہ ويو آهي، سواءِ انهي جي جو آسمان مان لهي آيو آهي، يعني ابن آدم، جو آسمان ۾ آهي.


تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.


ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.


تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.


زندگيءَ جي ماني آئون آهيان.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لٿي آهي: نہ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا: پر جيڪو هيءَ ماني ٿو کائي، سو هميشہ جيئرو رهندو.


يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ