Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:32 - Sindhi Bible

32 تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پتا آهي جنهن آڪاش واري روٽي اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آڪاش مان حقيقي روٽي ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پيءُ آهي جنهن آسمان واري ماني اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آسمان مان حقيقي ماني ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آسمان واري ماني اوھان کي موسيٰ نہ ڏني، پر اھو منھنجو پيءُ آھي جيڪو آسمان مان سچي ماني ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:32
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ هن مٿان ڪڪرن کي حڪم ڏنو، ۽ آسمان جا در کوليائين؛


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ اوهان جي لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس، ۽ ماڻهو هر روز ٻاهر وڃي، هڪڙي ڏينهن جي انداز جيتري گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي شريعت تي هلن ٿا يا نہ.


۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.


سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.


ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.


اسان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.


ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.


يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.


تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لهي ٿي، تہ ماڻهو اُن مان کائي ۽ مري نہ وڃي.


ڇالاءِ تہ منهنجو گوشت سچ پچ کائڻ جي شيءِ آهي، ۽ منهنجو رت سچ پچ پيئڻ جي شيءِ آهي.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لٿي آهي: نہ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا: پر جيڪو هيءَ ماني ٿو کائي، سو هميشہ جيئرو رهندو.


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ