Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:31 - Sindhi Bible

31 اسان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آڪاش مان روٽي ڏني.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي. جيئن لکيل آھي تہ ’ھن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو.


تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.


انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.


۽ بني اسرائيل چاليهن ورهين تائين برابر من پئي کاڌي، جيسين ڪ هو ڪنهن آباد ملڪ ۾ آيا؛ يعني جيسين هو ڪنعان ملڪ جي حد ۾ آيا، تيسين من پئي کاڌائون.


تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اُهو موسيٰ ڪين هو جنهن اوهان کي آسمان مان ماني ڏني، پر منهنجو پيءُ اوهان کي آسمان مان سچي ماني ٿو ڏئي.


اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ پٽ ۾ من کاڌي، ۽ اُهي مري ويا.


هيءَ اُها ماني آهي، جا آسمان مان لٿي آهي: نہ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا: پر جيڪو هيءَ ماني ٿو کائي، سو هميشہ جيئرو رهندو.


۽ سڀني اها ساڳي روحاني خوراڪ کاڌي،


۽ هن توکي نماڻو ڪيو، ۽ بک ماريائين، ۽ توکي من کارايائين، جنهن جي نہ توکي خبر هئي، نہ تنهنجي ابن ڏاڏن کي؛ انهي لاءِ تہ توکي سيکاري تہ ماڻهو رڳو مانيءَ سان جيئرو نٿو رهي، پر هرڪا ڳالهہ جا خداوند جي واتان ٿي نڪري، تنهن سان جيئرو ٿو رهي.


۽ انهي ملڪ جي پراڻي اَن کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو من بند ٿي ويئي؛ ۽ بني اسرائيل وٽ وڌيڪ من ڪانہ هئي؛ پر انهيءَ سال هنن ڪنعان جي ملڪ جا ميوا پئي کاڌا.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ