Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:30 - Sindhi Bible

30 تنهن تي هنن چيس، تہ پوءِ تون اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين تہ اسين ڏسي توکي قبول ڪريون؟ تون ڪهڙو ڪم ٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ايشور طرفان ڪهڙي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي وشواس آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:30
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هن هڪڙو نشان ڏيئي چيو تہ جنهن نشان جو خداوند ذڪر ڪيو آهي سو هي آهي: ڏسو، هيءَ قربانگاهہ ڦاٽي پوندي، ۽ جيڪا خاڪ انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.


قربانگاهہ بہ ڦاٽي پيئي، ۽ قربانگاهہ تان خاڪ بہ ڪِري پيئي، جيئن ڪ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند جي حڪم سان نشان ڏنو هو.


۽ چيائينس تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪندا، ۽ پهرئين معجزي کي نہ مڃيندا تہ ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪندا.


جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.


جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون!


هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا.


پوءِ فريسي آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا، ۽ آزمائڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.


پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.


پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.


تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟


ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا.


پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.


۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.


پر مون اوهان کي چيو تہ اوهان مون کي ڏٺو آهي تہ بہ ايمان نٿا آڻيو.


۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.


هن ڪري جو يهودي نشان ٿا گهُرن، ۽ يوناني ڏاهپ جا طالب آهن،


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ