Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:19 - Sindhi Bible

19 پوءِ جڏهن ٽي چار ميل کن ڪاهي ويا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع سمنڊ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجهو پيو اچي، ۽ هو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن شاگرد پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو.


خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي.


خداوند گهڻن پاڻين جي گوڙ شور کان، بلڪ سمنڊ جي وڏين لهرن کان مٿي، ۽ قادر آهي.


تنهنجن ونجهن هلائڻ وارن توکي وڏي پاڻي ۾ آندو آهي، اُڀرندي جي واءُ سمنڊ جي وچ ۾ توکي ڀڃي وڌو آهي.


انهيءَ هوندي بہ هنن ماڻهن ڳن موڙي زمين ڏي موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو طوفان زور وٺندو ٿي ويو.


ڏسو، اُنهي ساڳئي ڏينهن منجهانئن ٻہ ڄڻا، امائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جو يروشلم کان پوڻا چار ڪوهہ پري هو،


۽ اڃا هو آيو پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو ولوڙيائينس. پر يسوع ڀوت کي جهڻڪيو، ۽ ڇوڪر کي چڱو ڀلو ڪري پڻس جي حوالي ڪيائين.


هاڻي بيت عنياہ جو ڳوٺ يروشلم جي ويجهو اٽڪل ڪوهہ پنڌ تي هو؛


آئون اوهان کي يتيم ڪري ڇڏي ڪين ويندس، آئون اوهان وٽ ايندس.


۽ طوفان جي ڪري سمنڊ ۾ لهرون اُٿڻ لڳيون.


پر هن چين تہ آئون آهيان، ڊڄو نہ.


۽ شهر جي ٻاهران انهي چيچڙي ۾ ڊاک پيڙي ويئي، ۽ چيچڙي مان ايترو تہ رت نڪتو جو گهوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ سؤ ڪوهن تائين وهي هليو.


۽ اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ اُنهي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر هڪ جهڙي هئي: ۽ هن انهي لٺ سان شهر کي ماپيو تہ ساڍا ست سؤ ڪوهہ ٿيو: هن جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ بلندي هڪ جيتري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ