Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:12 - Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن هو ڍءُ ڪري رهيا، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چيائين، تہ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا آهن، سي ميڙي کڻو، تہ ڪي بہ اجايو نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


۽ هنن قلعن وارا شهر ورتا، ۽ ڀلي زمين، ۽ هر قسم جي شين سان ڀريل گهر، ۽ ٽڪيل حوض، ۽ انگورن ۽ زيتونن جا باغ، ۽ بيشمار ميوي دار وڻ هٿ ڪيائون: انهيءَ طرح هنن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٿلها متارا ٿيا، ۽ تنهنجيءَ وڏي ڀلائيءَ جي ڪري ڏاڍا سرها ٿيا.


جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي.


هن بکين کي چڱين شين سان ڍائي ڇڏيو آهي ۽ ڍاولن کي سکڻي هٿ موٽايو اٿس.


۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.


هن شاگردن کي هيئن بہ چيو تہ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ جو هڪڙو گماشتو هو؛ جنهن تي ڪنهن اچي هن وٽ دانهن ڏني، تہ هو تنهنجو مال پيو لُٽي.


پوءِ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، ۽ جيڪي ٽڪر ٽيرا بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.


۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ