4 ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.)
۽ اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ وڃي يردن ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، ۽ تنهنجو ماس تو وٽ موٽي ايندو ۽ تون پاڪ ٿيندين.
مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.
پنهنجين اکين کي ننڊ نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجن ڇپرن کي بند ٿيڻ ڏي.
جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا.
جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.
تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا.
سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.
انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.
۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو.
۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهت تي زبردستي پيئي ٿئي، ۽ زبردست ماڻهو اُنهيءَ کي زور سان ٿا وٺن.
پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.
تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا.
شريعت ۽ نبي، يوحنا تائين هئا، تنهن وقت کان وٺي خدا جي بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي پيئي ٿئي، ۽ هرڪو زور ڪيو اچيو اندر گهڙي.
تن ۾ ڪيترائي بيمار، ۽ انڌا، ۽ منڊا، ۽ سڙيل سُڪل پيا هوندا هئا. (اهي پاڻيءَ ۾ گوڙ ٿيڻ جا منتظر هوندا هئا،
۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جو اٺٽيهن ورهين کان بيمار پيو هو.
مريض جواب ڏنس، تہ سائين، جنهن مهل پاڻي اُڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ لڀيم جو کڻي تلاءَ ۾ وجهيم: پر آئون جيستائين اچان ئي اچان، تيستائين ٻيو مون کان اڳي گهڙيو پوي.
۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.
پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.