Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:36 - Sindhi Bible

36 پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يوحنا جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پتا مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پتا مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:36
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسوع کين ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪي ٻُڌو ۽ ڏسو ٿا، سو وڃي يوحنا کي ٻڌايو:


تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟


يسوع کين جواب ڏنو تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين ايمان نٿا آڻيو. جيڪي ڪم آئون پنهنجي پيءُ جي نالي ڪريان ٿو، سي ئي منهنجي لاءِ شاهدي ٿا ڀرين.


پر اُنهن مان ڪن چيو تہ جنهن انڌي جون اکيون سڄيون ڪيون، سو ايترو ڪين ڪري سگهي ها جو هيءُ ماڻهو اصل مري ئي نہ ها.


جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، سو مون پورو ڪري زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ڪيو آهي.


هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو.


ڇالاءِ تہ خدا فرزند کي جهان ۾ انهي لاءِ ڪين موڪليو تہ جهان جي عدالت ڪري؛ پر انهي لاءِ تہ ان جي وسيلي نجات ملي.


سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.


يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


اُهو ٻيو آهي جو منهنجي بابت شاهدي ٿو ڀري، ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو منهنجي بابت ڀري ٿو سا سچي آهي.


اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.


جيڪڏهن اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ٿا ڪريون، تہ خدا جي شاهدي انهي کان وڌيڪ آهي: ڇالاءِ جو خدا جي شاهدي هيءَ آهي، جا هن پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ